ڀارت ۽ پاڪستان

ڀارت ۽ پاڪستان (ڪتاب ):ھيءُ ڪتاب ڀارت ۾ رھندڙ مشھور سنڌي اديب ۽ سپريم ڪورٽ آف انڊيا جي ايڊووڪيٽ سرڳواسي رام پنجواڻيءَ جي مضمونن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ لڳندڙ ٽن جنگين، ٻنھي ملڪن جي آئيني جوڙجڪ، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن بابت مضمون موجود آهن. ڊيمي سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 80 رپيا آھي. ھيءُ ڪتاب رام امر لعل پنجواڻيءَ ۽ ساوتري ڪوٽومل منسکاڻيءَ، آگسٽ 1987ع ۾ دھليءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.


لفظ ڀارت ۽ پاڪستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو